عثمانيه لائبريري چنيهاڻي

عثمانيه لائبريري چنيهاڻي: ڳوٺ چنهياڻي، تعلقي ڪنڊياري ۾ قائم هن لائبرريءَ جو بنياد 1973ع ۾ استاد ۽ ليکڪ محمد عثمان عباسيءَ وڌو،جيڪو اڄ تائين پنهنجي پگهار مان هر مهيني ڪتاب خريد ڪري لائبريريءَ ۾ واڌارو ڪندو رهي ٿو. هن لائبريريءَ ۾ 13 هزار کان وڌيڪ ڪتاب مختلف ٻولين ۾ موجود آهن. ناياب قلمي قرآن پاڪ جو 250 سال پراڻو نسخو، 2200 صفحن جو قلمي تفسير ۽ حاجي احمد ملاح جي خطبن جي مجموعي سميت ڪيترا اڻلڀ قلمي ڪتاب هن لائبريريءَ ۾ موجود آهن. لائبرريءَ مان استفادو وٺڻ لاءِ مختلف نوجوان ۽ پي. ايڇ. ڊي ڪندڙ اسڪالر ايندا رهن ٿا. هن لائبرريءَ ۾ موجود ڪجهه اهم ڪتابن جا سنڌيءَ ۾ ترجما ڪري مختلف ادارن پاران ڇپايا آهن. هيءَ لائبرري هڪ مسواڙي جاءِ ۾ آهي، جنهن جي مسواڙ ڪو به وصول نه ڪندو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو